شبنم اداڪاره

شبنم اداڪاره

شبنم اداڪاره

شبنم (اداڪاره): فلم انڊسٽريءَ ۾ پاڻ مڃائيندڙ نامور پاڪستاني اداڪاره شبنم جو جنم، 17 آگسٽ 1942ع تي ڍاڪا، ان وقت اوڀر پاڪستان ۽ هاڻي بنگلاديش ۾ مشهور اسڪاؤٽ ماسٽر ۽ فٽبال ريفري نئني بساڪ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو جهرنا بساڪ آهي. هن فلمي دنيا ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1961ع ۾ بنگالي فلمن: ‘ڪاکو نو آشني’، ‘هارا نو دن’ ۽ ‘راجڌاني بوڪي’ سان ڪيو. اردو زبان ۾ شبنم جي پهرين رليز ٿيندڙ فلم ‘چندا’ هئي، جيڪا 1962ع ۾ ڍاڪا (اوڀر پاڪستان/ موجوده بنگلاديش) ۾ ٺهي. 1960ع واري ڏهاڪي جي اڌ کان ڪراچي، سنڌ ۾ اچي رهائش پذير ٿي. 1963ع ۾ رليز ٿيندڙ اردو فلم ‘تلاش’ کيس شهرت جي بلنديءَ تي پهچائي ڇڏيو.
هن پنهنجي چاليهه سالا فني سفر ۾ لڳ ڀڳ 160 فلمن ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو، جن مان 152 اردو، 4 بنگالي ۽ 4 پنجابي فلمون هيون. سندس رليز ٿيندڙ مشهور فلمن ۾: 1963ع ۾ ‘تلاش’، ‘ناچ گهر’ ۽ ‘پريت نه جاني ريت’، 1964ع ۾ ‘ڪاروان’ ۽ ‘پيسي’، 1965ع ۾ ‘آخري اسٽيشن’، ‘ڪيسي ڪهون’، ‘ڪاجل’، ‘ساگر’، 1966ع ۽ 1967ع ۾ ‘بيگانه’ ۽ ‘درشن’، 1968ع ۾ ‘جهان تم وهان هم’، ‘مين زنده هون’، ‘سمندر’، ‘شريڪ حيات’، ‘تم ميري هو’، 1969ع ۾ ‘عندليب’، ‘لاڊلا’، ‘نصيب اپنا اپنا’، ‘نازنين’، ‘ناز’، ‘قسم اس وقت ڪي’ ۽ ‘آسرا’ رليز ٿيون.
1977ع ۾ باڪس آفيس تي رڪارڊ بزنس ڪندڙ فلم ‘آئينه’ کان سواءِ ‘ميري حضور’، ‘نيا سورج’، ‘سنگم’، ‘شمع محبت’ ۽ ‘اُف يي بيويان’ فلمون رليز ٿيون.
شبنم جو شمار پاڪستان فلم انڊسٽري (لالي ووڊ) جي تمام ورسٽائل ۽ بهترين اداڪاره طور ڪيو وڃي ٿو. مڪالمن جي ادائيگيءَ ۾ سندس مخصوص انداز ۽ لب لهجي کي فلمي شائقينن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن اردو، سنڌي، پنجابي، بنگالي اداڪارن ۽ اداڪارائن سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هر قسم جي ڪردار کي نهايت خوش اسلوبيءَ سان نڀايو. سندس مڙني فلمن کي سنڌ سميت سڄي ملڪ توڙي ٻين خطن ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي. کيس ڪيترائي ڀيرا فلمي دنيا جي اهم اوارڊ، ‘نگار اوارڊ’ لاءِ نامزد ڪيو ويو، جيڪو هن 13 ڀيرا حاصل ڪيو. ان کان علاوه کيس 3 ڀيرا پاڪستان نيشنل اوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. هن 1964ع ۾ روبن گهوش نالي مشهور موسيقار سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس رونين گهوش نالي هڪ پٽ آهي.
1971ع ۾ بنگلاديش آزاد ٿيڻ بعد به شبنم ڪيترو وقت پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪيو، بعد ۾ پاڪستاني فلمن کي هميشه لاءِ الوداع چئي بنگلاديش هلي وئي. هن وقت پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڍاڪا، بنگلاديش ۾ رهائش پذير آهي. تازو 2007ع ۾ ڪراچيءَ ۾ لٽريچر فيسٽيول ۾ آئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.08.17  عيسوي

فلم انڊسٽريءَ ۾ پاڻ مڃائيندڙ نامور پاڪستاني اداڪاره شبنم جو جنم، 17 آگسٽ 1942ع تي ڍاڪا، ان وقت اوڀر پاڪستان ۽ هاڻي بنگلاديش ۾ مشهور اسڪاؤٽ ماسٽر ۽ فٽبال ريفري نئني بساڪ جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا غلام نبي پٺاڻ
ترخان مرزا جاني بيگ
ديويڪا راڻي
جواهر لعل نهرو
حفظ الله خان نواب
سيد غوث حسين شاهه 1
اياز عالم ابڙو
جيلاني، سيد محمد صالح شاهه ثاني
خداداد خان (ثاني)
راجا جئدرٿ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون